سائينءَ جي ٻاڻي

سائينءَ جي ٻاڻي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب فقير غلام علي’مسرور‘ جو لکيل آهي، هن ڪتاب ۾ بيدل فقير جي عقيدت ۾ هڪ مدح چيل آهي. هي مدح مثلث جي صنف تي 36 بندن تي مشتمل، اوائلي سنڌيءَ جي الف- ب جي حرفن تي چيل آهي، جنهن ۾ هندي، سنڌي ۽ سنسڪرت لفظن ۽ تجنيس حرفيءَ جو بهترين ميلاپ آهي.
هي پاڪيٽ سائيز ڪتاب 1941ع ۾ رامچند پريس شڪارپور مان شايع ٿيو. ان بعد 1981ع ۾ شري ڪنيا لال، پنهنجي ڌرم پتنيءَ جي ديهانت تي پاڪيٽ سائيز ۾ بمبئيءَ مان ڇپايو. ان کانپوءِ 2000ع ۾ بيدل مسرور ، مسرور پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران شايع ڪيل ڪتاب’ بيدل نامي‘ ۾ پڻ شامل ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو